اسلام آباد : وزيراعظم شھباز شريف چيو آهي تہ بچت واري پاليسي ذريعي حاصل ٿيندڙ رقم عوامي رليف تي خرچ ڪئي ويندي۔
خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم قيمتن جي استحڪام ۽ حڪومتي بچت قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ڪفايت شعاري مان ٿيندڙ بچت عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪئي ويندي۔
اجلاس ۾ اهو بہ طئي ڪيو ويو تہ سرڪاري ۽ خودمختيار ادارن جي ملازمن جي پگهارن ۾ 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪئي ويندي، ڪارپوريشنن جي بورڊز ۾ شامل حڪومتي نمائندا هاڻي شرڪت فيس نہ وٺندا، جڏھن تہ سڀني سفارتخانن کي 23 مارچ جي تقريبون سادگي سان ملھائڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.
وزيراعظم هدايت ڪئي تہ ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معمول موجب ڪم جاري رکن، اجلاس ۾ اهو بہ فيصلو ڪيو ويو تہ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ سرڪاري گاڏين جي تيل ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ۽ 60 سيڪڙو گاڏين کي گرائونڊ ڪرڻ واري فيصلي جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرايو ويندو ۽ نئين خريداري تي پابندي برقرار رھندي۔
ان کانسواءِ ڪابينا ميمبرن، وزيرن، صلاحڪارن ۽ مددگارن جون پگهارون عوامي ڀلائي لاءِ وقف ڪيون ويون آهن، انهن جي پرڏيهي دورن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ خرچ گهٽائڻ لاءِ آن لائن گڏجاڻين کي ترجيح ڏني ويندي۔
وزيراعظم لاڳاپيل سيڪريٽريز کي ڪفايت شعاري جي قدمن جي نگراني ۽ روزانو جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير عطا تارڙ، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، بلال اظھر ڪياني ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي…..