لائیو لڪي مروت ۾ سي ٽي ڊي جو آپريشن، 6 دھشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

سي ٽي ڊي  بنوں ريجن لڪي مروت جي علائقي شاگئي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 6 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔

سي ٽي ڊي ذريعن موجب شاگئي ۾ ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، لڳ ڀڳ 40 منٽن تائين جاري رھندڙ ڪارروائي دوران دهشتگردن جا وڌيڪ 7 ساٿي فرار ٿي ويا۔

سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جڏھن تہ دهشتگردن وٽان 4 ڪلاشنڪوف، 2 پسٽول، 8 دستي بم ۽ آءِ اي ڊي بہ ھٿ ڪيا ويا آهن۔

ترجمان موجب گذريل ڏينھن لڪي مرورت ڌماڪي ۾ شھيد ٿيل 7 اھلڪارن جي جنازي نماز پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي آھي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں