اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ توشا خانہ جعلي رسيدن واري ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي۔
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو، عمران خان 6 ۽ بشريٰ بي بي ھڪ ڪيس ۾ضمانت واري درخواست تي حڪمنامو جاري ڪيو ويو.
عدالت چيو تہ پراسيڪيوشن عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف ڪو بہ اھڙو ثبوت پيش نہ ڪري سگھيو، جنھن سان ثابت ٿئي تہ ھنن بغاوت تي ڀڙڪايو
لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي تہ پراسيڪيوشن ڪو بہ اهڙو ثبوت پيش نہ ڪري سگهي، جنهن سان ثابت ٿئي تہ مظاھرا عمران خان جي چوڻ تي ٿيا.
احتجاج وارن ڪيسن ۾ سندس واقعي واري جاءَ تي موجودگي ثابت نٿي ٿئي، 9 مئي جي احتجاجن ۽ قتل جي قدمن جي ڪيسن ۾ بہ پراسيڪيوشن ڪو ثبوت پيش نہ ڪري سگھيو .
حڪم نامي موجب عمران خان پاران اعليٰ شخصيتن خلاف الزام تراشي واري ڪيس ۾ بہ ضمانت منظور ڪئي وئي.
عدالت 50، 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون ضمانتون منظور ڪيون۔….