پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالھيون جاري آھن.
ناڻي کاتي موجب وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي سربراھي ۾ معاشي ٽيم آءِ ايم ايف وفد سان ملاقات جاري آھي، جنھن ۾ ناڻي وارو وزير، ناڻي واروسيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ آھن .
ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ ايف بي آر جي ٻئي گڏجاڻي بہ اڄ ٿيندي، وفد سان گڏجاڻي ۾ صوبائي ٽيڪسن تي ڳالھيون ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ ملاقات ۾ صوبي طرفان پراپرٽري ٽيڪسن ۽ ان مان حاصل روينيو جو معاملو غور ھيٺ ايندو، صوبن جي زرعي ٽيڪس جي لائحہ عمل ۽ حاصل روينيو جي تفصيلن تي ڳالھيون ٿينديون.
ياد رھي تہ آءِ ايم ايف جي ٽيم 7 ارب ڊالر جي قسط جي جائزي تي ڳالھين لاءِ پاڪستال پھتل آھي ….