وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ تاريخ جي بدترين ٻاڙائي سان ڪاروبار جي شروعات ٿي، جنهن سبب سيڙپڪارن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي۔
ڪاروباري هفتي جي پهرين ئي ڏينهن مارڪيٽ کُلڻ شرط 14 هزار 700 پوائنٽس جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ 100 انڊيڪس گھٽجي گهٽجي هڪ لک 53 هزار 361 پوائنٽنس جي سطح تي اچي ويو۔
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ پھرين ڏينھن ڪاروبار لڳ ڀڳ 15 ھزار پوائنٽس جي گھٽتائي سان شروع ٿيو، سخت ٻارڙائي سبب پي ايس ايڪس ۾ ڪاروبار هڪ ڪلاڪ لاءِ معطل ڪيو ويو۔
واضح رھي تہ جيڪڏھن ڪي ايس اي 30 انڊيڪس پنج منٽن تائين 5 سيڪڙو ڪري پوي تہ ضابطن موجب ڪاروبار روڪي هڪ ڪلاڪ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي۔….