يورپي يونين پاڪستان ۽ افغانستان کان ڇڪتاڻ گهٽ ڪري ۽ فوري ڳالهيون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
جاري ڪيل بيان ۾ يورپي يونين جي پرڏيھي معاملن جي سربراهه چيو آهي تہ اسان افغانستان ۽ پاڪستان ۾ تشدد ۾ تيزي سان اضافي کانپوءِ سڀني ڌرين کان فوري طور ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ دشمني روڪڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سرحد پار حملا ۽ رپورٽ ڪيل ڪارروائيون بہ شامل آهن، جيڪي علائقي لاءِ سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهن ٿيون۔
هن وڌيڪ چيو تہ يورپي يونين ٻيهر زور ڏئي ٿي تہ افغان سرزمين کي ٻين ملڪن کي ڌمڪائڻ يا حملو ڪرڻ لاءِ استعمال نہ ڪيو وڃي ۽ افغان ڊي فيڪٽو اختيارين کان مطالبو ڪري ٿي تہ افغانستان ۾ يا اتان سرگرم سڀني دهشتگرد گروھن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي۔
ڪايا ڪالس جو چوڻ آهي تہ اسان ٻنهي ڌرين کي ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ تي زور ڏيون ٿا، هر ڌر کي عالمي قانونن ۽ انساني حقن جو مڪمل احترام ڪرڻ گهرجي۔ شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ شهرين کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ سڀ ممڪن احتياطي قدم کنيا وڃن۔..