آمريڪي صدر ايران تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو سامونڊي ٻيڙو مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
اتر ڪيرولائنا جي هڪ فوجي اڏي تان روانگي مهل ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو تہ آمريڪا ٻيو جنگي جھاز مقرر ڪري رھيو آھي.
ھن چيو تہ جيڪڏھن ايران جوھري معاھدو نہ ڪيو تہ ھن سامونڊي ٻيڙي جي ضرورت پوندي، هن واضع ڪيو تہ آمريڪا پنهنجي مفادن ۽ اتحادين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو۔
ھن چيو تہ آمريڪا ايران سان ڊيل ڪرڻ چاھي ٿو ۽ اميد آھي تہ ڳالھيون ڪامياب ٿينديون، جيڪڏھن ناڪام ٿيون تہ ايران لاءِ حالتون خراب ٿي سگھن ٿيون
ٽرمپ چيو تہ ايران ۾ اقتدار جي تبديلي بهترين ڳالهہ هوندي جيڪا ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هو 47 سالن کان رڳو ڳالهيون ئي ڪندا پيا اچن۔
صدر ٽرمپ خبردار ڪيو تہ ٻيو جنگي جھاز وچ اوڀر موڪليو پيو وڃي، جيڪڏهن ايران جوھري معاهدو نہ ڪيو تہ هن سامونڊي ٻيڙي جي ضرورت پوندي۔
پرڏيھي ميڊيا موجب دنيا جو سڀ کان وڏو سامونڊي جنگي جھاز وچ اوڀر ڏانھن روانو ڪيو پيو وڃي جتي اڳ ئي موجود آمريڪي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندو
ٻئي طرف عرب ملڪن خبردار ڪيو آهي تہ ڪنهن بہ ممڪن حملي سان علائقي ۾ ٻي وڏي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي۔…