پاڪستان سميت 8 اسلامي ملڪن فلسطين جي اولھ ڪناري اسرائيلي قدمن جي شديد مذمت ڪندي عالمي برادري کان اسرائيل کي خطرناڪ قدم روڪڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
سعودي عرب جي پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب، اردن، گڏيل عرب امارات، قطر، انڊونيشيا، پاڪستان، مصر ۽ ترڪيہ جي پرڏيهي وزيرن قبضي هيٺ اولھ ڪناري ۾ اسرائيل پاران غيرقانوني خودمختياري لاڳو ڪرڻ، يهودي آبادين ۾ واڌ، نئين قانوني ۽ انتظامي ڍانچو قائم ڪرڻ جي قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي تہ اسرائيل جو قبضي هيٺ فلسطيني علائقن تي ڪو بہ حق ناهي ۽ اهي قدم اولھ ڪناري ۾ غيرقانوني طور فلسطيني عوام کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوششن کي تيز ڪري رھيا آهن.
پرڏيهي وزيرن خبردار ڪيو آهي تہ اسرائيل جون پاليسيون علائقي ۾ تشدد ۽ عدم استحڪام کي وڌائي رھيون آهن.
گڏيل بيان ۾ اسرائيلي قدمن کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺھرائن جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي.
وزيرن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي تہ هو پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميواريون نڀائين ۽ اسرائيل کي قبضي هيٺ اولھ ڪناري ۾ خطرناڪ قدمن کان روڪن.
گڏيل بيان ۾ زور ڏنو ويو آهي تہ ٻن رياستن تي ٻڌل حل، عرب امن منصوبي ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن موجب القدس کي فلسطيني رياست جو گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ ئي علائقي ۾ منصفاڻو ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ جو واحد رستو آهي….