واشنگٽن: ايران جي سپريم ليڊر علي خامنائي پاران علائقائي جنگ جي خدشي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران سان معاهدو طئي ڪرڻ جي حوالي سان اڃان به پراميد آهي.
خامنائي پنهنجي بيان ۾ خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪيو ته انهي جا اثر پوري خطي ۾ پکڙجي سگهن ٿا ، هن جو چوڻ هو ته آمريڪي ڌمڪيون ايراني قوم کي خوفزده نٿيون ڪري سگهن.
ايراني سپريم ليڊر چيو ته ايران ڪنهن ملڪ تي حملي جي شروعات نه ڪندو پر جيڪڏهن ايراني قوم کي نشانو بنايو ويو يا حراسان ڪيو ويو ته سخت جواب ڏنو ويندو.
آيت الله خامنائي جي بيان تي رد عمل ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته هو ايران سان ڳالهين جي ذريعي معاهدو طئي ڪرڻ جي اميد رکي ٿو.
صدر ٽرمپ چيو ته خامنائي طرفان علاقائي جنگ جي ڳالهه ڪرڻ غير امڪاني نه آهي پر جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته اهو ڏٺو ويندو ته انهي جا خدشا صحيح ثابت ٿيا آهن يا نه. ٽرمپ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ٻئي ملڪ ڪنهن معاهدي تائين پهچي وڃن.
واضح رهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي موجودگي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي بحريه موجب هن وقت خطي ۾ 6 ڊسٽرائز جنگي جهاز، هڪ بحري جهاز ۽ 3 لينول ڪامبيٽ شپ مقرر آهن….