اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس محمد علي مظھر، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاھي بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجي 24 صفحن تي ٻڌل تفصيلي نوٽ جاري ڪندي قرار ڏنو آهي تہ جلدي، ڪاوڙ يا تعصب ۾ ڪيل فيصلا نہ رڳو ملڪي قانون پر اسلامي اصولن جي بہ خلاف آهن۔
جسٽس محمد علي مظھر پنهنجي 24 صفحن تي ٻڌل نوٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهہ جي ماضي ۾ ڏنل انٽرويوز جو حوالو ڏيندي چيو تہ هن پاڻ اعتراف ڪيو هو تہ ڀٽو ڪيس جو فيصلو دٻاءُ ۾ ڪيو ويو هو۔
اڳوڻي چيف جسٽس جو اهو اعتراف ڪنهن بہ عقلمند شخص لاءِ ان ڳالهہ ۾ ڪو شڪ نٿو ڇڏي تہ اهو هڪ عدالتي قتل هو ۽ اهڙو اعتراف هڪ جج جي حلف جي ڀڃڪڙي آهي۔
هن وڌيڪ لکيو تہ جيڪڏھن ڪو جج ڪنهن ڌر يا وڪيل کان ناراض ٿي وڃي يا پنهنجو صبر وڃائي ويهي، تہ پوءِ قانون موجب انصاف ڪرڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو۔
فاضل جج آبزرويشن ڏني تہ ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج اپيل تي ٻڌڻي دوران مبينا طور تي “ڪاوڙ ” ۾ ھو، جنهن سبب آزاد ذهن سان فيصلو ڪرڻ جو امڪان ختم ٿي ويو هو۔…..