ڊي جي آءِ ايس پي آر جي يونيورسٽي آف گوادر ۾ استادن ۽ شاگردن سان خاص ويھڪ ٿي

فہرستِ مضامین

راولپنڊي : ڊي جي آءِ ايس پي آر جي يونيورسٽي آف گوادر ۾ استادن ۽ شاگردن سان هڪ خصوصي ويھڪ ٿي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي يونيورسٽي آف گوادر آمد تي استادن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي

ويھڪ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر قومي ۽ علائقائي صورتحال بابت استادن ۽ شاگردن سان تفصيلي ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، جڏھن تہ سوشل ميڊيا تي رياست مخالف پروپيگنڊا بابت شاگردن کي مڪمل آگاهي پڻ ڏني وئي.

ان موقعي تي يونيورسٽي آف گوادر جي شاگردن جو چوڻ هو تہ پاڪ فوج هميشہ رياست، آئين ۽ قومي وقار جو دفاع ڪيو آهي، جڏھن تہ ڊي جي آءِ ايس پي آر اسان جي ذهنن ۾ موجود سڀني مونجھارن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

شاگردن چيو تہ ڊي جي آءِ ايس پي آر ثبوتن سان مس انفارميشن جو تدارڪ ڪيو ۽ هي ملاقات اسان لاءِ انتهائي معلوماتي ثابت ٿي.

شاگردن هر ڏکئي گهڙي ۾ قوم سان گڏ بيهڻ تي پاڪ فوج جي عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں