اسرائيلي فوج پاران غزا ۾ 71 هزار فلسطيني شهيد ڪرڻ جو اعتراف

فہرستِ مضامین

اسرائيلي فوج غزا ۾ 71 هزار فلسطيني شهيد ٿيڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي۔

اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ موجب هڪ سينيئر فوجي عملدار اعتراف ڪيو آهي تہ حماس جي انتظام هيٺ غزا جي صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل جاني نقصان جا انگ اکر مجموعي طور درست آهن۔

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ اهي انگ اکر رڳو اسرائيلي فوجي ڪاررواين دوران شهيد ٿيل ماڻهن تي ٻڌل آهن، جڏھن تہ ملبوي هيٺ دٻيل، لاپتا ماڻهو، بک ۽ بيمارين سبب فوت ٿيل ماڻهو انهن انگن ۾ شامل ناهن۔

اسرائيلي فوجي عملدارن موجب مارجي ويل ماڻهن ۾ عام شهرين ۽ ويڙھاڪن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ان کان اڳ اسرائيل غزا جي وزارتِ صحت جي انگن اکرن کي رد ڪندو رھيو آهي، جڏھن تڳ تہ گڏيل قومون ان انگ اکرن کي اعتماد جوڳو قرار ڏيندي رھي آهي۔

ياد رھي تہ غزا جي صحت واري وزارتِ جي انگن موجب 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين 71 هزار 667 فلسطيني اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں