راولپنڊي: بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڌار ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 41 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان ۾ ڳجھي اطلاع تي ڌار ڌار آپريشنز ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 41 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
ترجمان موجب ھرنائي ضلعي ۾ ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز دھشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارت حمايت ۾ 30 دھشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آھي تہ مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ آيو آھي، مارجي ويل دھشتگردن جو واسطو فتنہ الخوارج ۽ فتنہ الھندوستان سان ھو، ھٿ آيل بارودي مواد موقعي تي ئي تباھ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو تہ پنجگور ضلعي ۾ بہ ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي دوران فتنہ الهندوستان سان لاڳاپيل 11 دھشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، بارودي مواد ۽ بينڪ مان ڦرلٽ ڪيل رقم پڻ ھٿ ڪئي وئي آھي، جيڪا 15 ڊسمبر تي پنجگوڙ ۾ بينڪ مان ڦر ڪئي وئي آھي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي تہ مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث ھئا.
آءِ ايس پي ار موجب علائقي ۾ امڪاني دھشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي…….