اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف صنعتن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
اسلام آباد ۾ ملڪ جي ناليوارن ايڪسپورٽرن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مان ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم صنعتن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 4 رپيا 4 پئسن تائين گهٽتائي جو اعلان ڪيو۔
وزيراعظم چيو تہ هن فيصلي جو مقصد صنعتي شعبي کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ پيداوار ۾ واڌ آڻڻ آهي، هن واضح ڪيو تہ حڪومت جو بنيادي ڪردار پاڻ ڪاروبار ڪرڻ ناهي، پر ڪاروباري سرگرمين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي، سندس چوڻ هو تہ صنعتي ترقي کانسواءِ معيشت مستحڪم نٿي ٿي سگهي، انڪري حڪومت اهڙا فيصلا ڪري رھي آهي جيڪي صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن لاءِ سهولت جو سبب بڻجن۔
وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ ملڪ کي هاڻي ترقي جي رڳ تي آڻڻ انتهائي ضروري ٿي چڪو آهي ۽ ان مقصد لاءِ ڪاروباري برادري جي تجويزن کي اهميت ڏني ويندي، واپاري ۽ صنعتڪار معيشت ۾ ڪرنگھي واري ھڏي حيثيت رکن ٿا ۽ انھن جي تجربن مان فائدو فائدو وٺي بهتر معاشي پاليسيون جوڙيون وينديون۔
هن وڌيڪ چيو تہ حڪومت معاشي پاليسين جي تياري دوران تاجر برادري سان مشاورت کي يقيني بڻائيندي، جيئن فيصلا زميني حقيقتن موجب ٿين، وزيراعظم زور ڏنو تہ گڏيل اعتماد ۽ مسلسل رابطي سان ئي معيشت کي صحيح رخ تي آڻي سگهجي ٿو۔
تقريب دوران وزيراعظم چيو تہ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل سھڪار سان ملڪ جي ترقي جا رستا کلي رھيا آهن، سڀئي ادارا هڪ پيج تي اچي چڪا آهن، جنهن جا ھاڪاري اثر معيشت ۽ ڪاروباري ماحول تي واضح نظر اچي رھيا آهن۔
وزيراعظم شهباز شريف عزم ورجايو تہ حڪومت صنعتن کي پيش مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻندي رھندي، جڏھن تہ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو فيصلو بہ انهي سلسلي ۾ اھم آھي،جيئن صنعتي شعبي کي مستحڪم ڪري قومي معيشت کي هٿي ڏياري سگھجي….۔