آمريڪا حملو ڪيو تہ فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: ايراني فوج

فہرستِ مضامین

ايراني فوج خبردار ڪيو آھي تہ جيڪڏھن آمريڪا حملو ڪيو تہ ان جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب ايراني فوج جي ترجمان چيو آهي تہ امڪاني ممڪن حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي منصوبا ۽ حڪم اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن.

ترجمان خبردار ڪيو آھي تہ جيڪڏھن دشمن حملي جي ڪوشش ڪئي تہ سخت ردعمل ڏنو ويندو.

ايراني فوج موجب حملي جي صورت ۾ جنگ سڄي خطي تائين پکڙجي ويندي، خطي جي ملڪن ۾ موجود امريڪي اڏا سندن ميزائلن جي رينج ۾ آھن، انھن کي نشانو بڻايو ويندو.

ايراني فوجي قيادت جو چوڻ آهي تہ ملڪ جو دفاع ۽ ڪنهن بہ جارحيت جو اثرائتو جواب ڏيڻ ايران جي پهرين ترجيح آهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں