پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد :ملڪ ۾ پهرين فيبروري کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي۔

اوگرا  قيمتن ۾ تبديلي بابت پنهنجي ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي آهي، جڏھن تہ نون اگهن بابت سمري سڀاڻي پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي ويندي۔

ذريعن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 9 رپيا 47 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ في ليٽر 6 رپيا 95 پئسا واڌ جو امڪان آهي۔

مٽي جي تيل جي قيمت ۾ في ليٽر 3 رپيا 69 پئسا اضافي جو امڪان آهي، جڏھن تہ پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 36 پئسا گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔

پيٽروليم ڊويزن پاران وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ نون اگهن بابت 31 جنوري تي نوٽيفڪيشن جاري  ڪيو ويندو…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں