پي ٽي آءِ باني مڪمل صحتمند آھي، کيس اکين جي معائني لاءِ اسپتال نيو ويو ھو: عطا تارڙ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ اللھ تارڙ چيو آھي تہ پي ٽي آءِ باني جي اکين جو طبي معانئو ڪيو ويوآھي

صحافين سان ڳالھائيندي عطاءُ اللھ تارڙ ٻڌايو تہ اکين جي ماهر ڊاڪٽرن اڊيالا جيل ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي اکين جو معائنو ڪيو، طبي ماهرن صلاح ڏني تہ معمولي طبي ڪارروائي لاءِ پي ٽي آءِ باني کي پمز اسپتال منتقل ڪرڻ ضروري آهي۔

هن ٻڌايو تہ طبي ماهرن جي سفارش تي گذريل هفتي رات باني کي پمز پھچايو ويو، باني پي ٽي آءِ جي لکت ۾ رضامندي کانپوءِ طبي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ضروري هدايتن سان گڏ کيس واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو۔

عطاءُ الله تارڙ چيو تہ طبي ڪارروائي دوران پي ٽي آءِ باني مڪمل طور صحتمند هو، سڀني قيدين کي طبي سهولتن تائين پھچ حاصل هوندي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهہ ضابطن موجب ڪيو ويندو آهي۔

هن وڌيڪ چيو تہ طبي ڪارروائي ماهرن جي سفارش ۽ باني جي رضامندي کانپوءِ ڪئي وئي ۽ پي ٽي آءِ باني مڪمل صحتمند آھي………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں