پاڪستان جون فوجون هر خطري خلاف مڪمل طور تي تيار آهن : فيلڊ مارشل عاصم منير

فہرستِ مضامین

راولپنڊي : چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي تہ پاڪستان جون ھٿياربند فوجون هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن۔

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير بهاولپور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي کيس آپريشنل، تربيتي ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي۔

آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ فيلڊ مارشل عاصم منير خيرپور ٽاميوالي ۾ جنگي مشقن جو مشاهدو ڪيو، جتي هن جديد ڊرونز، اليڪٽرانڪ وارفيئر ۽ نگراني (سرويلنس) ٽيڪنالاجي جو عملي مظاهرو پڻ ڏٺو۔

آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي روھي ايِ اسڪلز لرننگ حب ۽ اي پي ايس عباسيہ ڪيمپس جو افتتاح ڪيو ويو، جڏھن تہ ڊجيٽل تعليم کي ھٿي وٺرائڻ اعلان بہ ڪيو ويو ۽ معياري تعليم سان وابستگي جو عزم ورجايو ويو

فيـلڊ مارشل اي ايم اي ريجنل ورڪشاپ جو بہ دورو ڪيو، جتي کيس جديد پليٽ فارمز جي سار سنڀال بابت بريفنگ ڏني وئي، فيـلڊ مارشل شھيدن جي يادگارن تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير ٻيهر واضح ڪيو تہ پاڪستان جون فوجون هر خطري خلاف مڪمل طور تي تيار آهن۔………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں