ڀارت ۾ ھوائي حادثو، مھارا شٽرا جو نائب وڏي وزير سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار

فہرستِ مضامین

نئين دهلي: ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ هڪ چارٽرڊ جهاز ڪريش لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نائب وڏي وزير اجيت پورا سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آھن.

ڀارتي ميڊيا موجب هي حادثو ضلعي پوني جي علائقي بارامتي ۾ پيش آيو.

جهاز ۾ مهاراشٽر جو نائب وڏ وزيراجيت پوار، سندس ٻہ ساٿي ۽ عملي جا ٻہ ميمبر سوار هئا.

شروعاتي ڄاڻ موجب حادثي ۾ جهاز ۾ موجود ڪو بہ شخص زندهہ نہ بچي سگهيو.

ڀارتي ميڊيا موجب حادثي جا سبب اڃا تائين معلوم نہ ٿي سگهيا آهن، لاڳاپيل اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي تہ جيئن ڪريش لينڊنگ جي اصل سببن کي سامهون آڻي سگهجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں