ايران پاران آبنائي ھرمز ۾ فوجي مشقن جو اعلان

فہرستِ مضامین

ايراني پاسدارانِ انقلاب آبنائي هرمز ۾ فوجي مشقن جو اعلان ڪندي چيو آهي تہ جيڪڏھن آمريڪي جهاز ايراني سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيا تہ انهن تي حملو ڪيو ويندو۔

پرڏيھي ميڊيا موجب پاسدارانِ انقلاب گارڊز پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تہ آمريڪي جهازن کي ايراني سامونڊي حدن ۾ اچڻ جي صورت ۾ نشانو بڻايو ويندو۔

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ آمريڪي صدر گهڻيون ڳالهيون ڪري رھيو، جنگ جو فيصلو ميدان ۾ ٿيندو۔

واضح رھي تہ آبنائي هرمز دنيا جي واپار لاءِ انتهائي اهم سامونڊي رستو آهي، جتان روزانو لکين بيرل تيل منتقل ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب هن علائقي جي صورتحال عالمي مارڪيٽن لاءِ بہ وڏي اهميت رکي ٿي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں