سامونڊي ٻيڙو ايران ڏانھن وڌي رھيو آھي، اميد آھي تہ ايران ڊيل ڪندو: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو آهي تہ آمريڪي سامونڊي ٻيڙو ايران ڏانهن وڌي رھيو آهي ۽ اميد آهي تہ ايران آمريڪا سان ڊيل ڪري وٺندو.

ٽرمپ آئيوا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ جون ۾ ايران جي جوھري صلاحيت کي ختم ڪيو ويو ۽ ايران ۾ فوجي ڪارروائي دوران ڪو بہ شهري نہ ماريو

صدر ٽرمپ چونڊن لاءِ  پڻ پنهنجي مھم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو بہ ڪيو، ٽرمپ دعويٰ ڪندي چيو تہ هو چونڊن ۾ آساني سان ڪامياب ٿيندو ۽ جڏھن چونڊن ۾ شڪست ٿي تہ آمريڪا لاءِ وڏو نقصان ٿيندو.

صدر چيو تہ آمريڪي معيشيت مستحڪم آهي، منھگائي گھٽجي وئي آهي ۽ سرحدون غيرقانوني مهاجرن لاءِ مڪمل طور تي بند ڪيون ويون آهن.

ٽرمپ موجب، آمريڪا اڄ سيڙپڪارن لاءِ محفوظ ترين ملڪ بڻجي چڪو آهي ۽ هڪ سال دوران سيڙپڪاري جو ڪاٿو 18 ٽريلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں