اسلام آباد : آءِ سي سي پاران ڀارت ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪرڻ تي بنگلاديش کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ڪڍڻ بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بہ ايونٽ ۾ شرڪت بابت اڃا تائين سواليا نشان برقرار آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان تہ ٿي چڪو آهي، پر ڇا پاڪستان ورلڊ ڪپ کيڏندو؟ ان حوالي سان مشاورت لاءِ چيئرمين پي سي بي محسن نقوي جي اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان اهم ملاقات جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ملاقات دوران ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ يا نہ ڪرڻ بابت معاملن تي ڳالهہ ٻولهہ ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان به مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ان حوالي سان وفاقي وزير عطاالله تارڙ جو چوڻ آهي تہ مشاورت جاري آهي، حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جيڪو بہ فيصلو ٿيندو، ان کان آگاهہ ڪيو ويندو.
محسن نقوي جو چوڻ آهي تہ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف اصولن تي ٻڌل آهي، آءِ سي سي جي ٻٽي معيار کي رد ڪريون ٿا.
محسن نقوي جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سياست جو شڪار ڪرڪيٽ ڪنهن جي بہ مفاد ۾ ناهي، سڀني کي ڪرڪيٽ جي اصولن تي هلڻ گهرجي، اسان جا رانديگر باصلاحيت آهن ۽ هر لحاظ کان مقابلو ڪرڻ ڄاڻن ٿا، ڪنهن بہ ميدان ۾ ڪاميابي ٽيم ورڪ سان حاصل ٿيندي آهي.
ان کان اڳ چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ هو ته هو آءِ سي سي کان وڌيڪ حڪومتِ پاڪستان جا پابند آهن ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو حڪومتِ پاڪستان ڪندي….