وادي تيراہ خالي ڪرائڻ بابت بيان سياسي مقصدن ۽ فوج کي بدنام ڪرڻ جي سازش آھن، وفاق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : حڪومت وادي تيرہ کي فوجي حڪمن تحت خالي ڪرائڻ بابت هلندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي آهي.

اطلاعات واري وفاقي پاران جاري ڪيل بيان ۾ واضح ڪيو ويو آھي تہ حڪومت گمراهہ ڪندڙ خبرن جو نوٽيس ورتو آهي، جن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي تہ وادي تيرہ کي فوجي ھدايت تحت خالي ڪرايو پيو وڃي.

اطلاعت واري وزارت موجب اھي دعوائون بي بنياد، بدنيتي تي ٻڌل ۽ مخصوص مقصدن لاءِ ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد عوام ۾ خوف ۽ دهشت پکيڙڻ، سيڪيورٽي ادارن خلاف غلط معلومات ڏيڻ ۽ ذاتي توڙي سياسي مفاد حاصل ڪرڻ آھي

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ وفاقي حڪومت يا هٿياربند فوجن طرفان وادي تيراهہ کي خالي ڪرائڻ بابت ڪو بہ حڪم جاري ناهي ڪيو ويو

اطلاعات واري وزارت موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معمول موجب رڳو دهشتگرد عنصرن خلاف انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروايون ڪري رھيا آهن، ڪارروايون ۾ آبادي متاثر نہ ٿيڻ جو پورو خيال رکيو وڃي ٿو.

وفاقي حڪومت موجب ڪاررواين لاءِ ڪنهن بہ قسم جي آبادي جي منتقلي يا لڏپلاڻ جي نہ ڪا ضرورت آهي ۽ نہ ئي اهڙو ڪو عمل ڪيو پيو وڃي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں