اسلام آباد: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گھرواري ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ بابت قانون منظور ڪيو ويو آھي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊوميسٽڪ وائلينس ايڪٽ 2026 منظور ڪيو ويو آھي، جيڪو وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد تي لاڳو ٿيندو.
قانون تحت گھرواري کي چتائي ڏسڻ، طلاق يا ٻئي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ ۽ گھرواري جي مرضي کانسواءِ گھر ۾ ٻين ماڻھن سان گڏ رکڻ بہ سزا جوڳو ڏوھ قرار ڏنو ويو آھي.
قانون ۾ گھرواري، ٻارن يا گھر ۾ رھندڙ ٻين ماڻھن کي گار ڏيڻ، جذباتي يا نفسياتي طور پريشان ڪرڻ بہ ڏوھ ھوندو.
ڊوميسٽڪ وائلينس ايڪٽ 2026 ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ 3 سال جي سزا، ھڪ لک تائين ڏنڊ بہ لاڳو ٿي سگھي ٿو، جڏھن تہ ڏنڊ ادا نہ ڪرڻ تي وڌيڪ 6 مھينا قيد ڪاٽڻو پوندو.
ان کانسواءِ ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ ۾ جنسي استحصال سان گڏ معاشي استحصال کي بہ شامل ڪيو ويو آهي۔…