اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ ڊيووس ۾ ٿيل تازي ملاقات دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کانئس سوال ڪيو تہ “منهنجو پسنديدہ فيلڊ مارشل ڪيئن آهي”؟
وزيراعظم شهباز شريف ٻڌايو تہ هن جواب ۾ مهمانن جي اڳين قطار ۾ ويٺل فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڏانهن اشارو ڪيو.
امن بورڊ جي معاهدي تي ميمبرن جي صحيحن واري تقريب دوران سموري دنيا جي ٽي وي چينلن وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ٽرمپ کي فيلڊ مارشل ڏانهن اشارو ڪندي ڏيکاريو.
ھڪ ٽي وي چينلز سان ڳالھائيندي وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ڊيووس ۾ ٿيل اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿيندڙ مختصر ملاقات جا تفصيل بہ شيئر ڪيا.
هن چيو تہ هن غزہ لاءِ بورڊ آف پيس قائم ڪرڻ جي قدم تي صدر ٽرمپ کي ساراهيو، جنهن کي هن جنگ کان متاثر علائقي ۾ امن جي بحالي طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو.
وزيراعظم موجب، ھن صدر ٽرمپ کي چيو تہ جيڪڏھن هو فلسطيني عوام لاءِ امن، وقار ۽ بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪامياب ۽ غزہ جي ٻيهر اڏاوت جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ٿئي ٿو ته تاريخ هن قدم کي سندن هڪ عظيم وراثت طور ياد رکندي.
ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ صدر ٽرمپ جي اثرائتي ڪردار تي بہ ٿورا مڃيا.
وزيراعظم موجب هي مختصر ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ انتهائي ھاڪاري ۽ تعميري رھي….