پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس، صدر جي اعتراضن ۽ اپوزيشن جي احتجاج باوجود بلز منظور

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي شديد احتجاج ۽ صدرِ جي اعتراضن باوجود بل منظور ڪيا ويا آھن.

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ مقرر وقت کان 35 منٽ دير سان شروع ٿيو، جنهن دوران قانون سازي جا ڪيترائي اهم نقطا بحث هيٺ آيا. ايوان ۾ اپوزيشن طرفان سخت احتجاج پڻ ڪيو ويو.

گڏيل اجلاس ۾ صدرِ طرفان دانش اسڪولز اٿارٽي بل ۽ گهريلو تشدد بابت بل تي اعتراض واريا ويا، اعتراضن ۾ چيو ويو تہ وفاقي حڪومت دانش اسڪولز اٿارٽي قائم ڪرڻ کان اڳ صوبن سان صلاح مشورا ڪري، اهڙي طرح گهريلو تشدد بابت بل کي شڪي قرار ڏيندي تجويز ڪيل سزائن تي بہ اعتراض ڪيو ويو ۽ چيو ويو تہ گهريلو تشدد بابت بل کي موجوده شڪل ۾ منظور ڪرڻ بدران ان تي ٻيهر غور ڪيو وڃي.

دانش اسڪول اٿارٽي بل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ بل تي صوبن کي اعتماد وٺڻ بابت صدر جي تجويز پڙھي ٻڌائي، اسپيڪر اپوزيشن جي اعتراضن کي رد ڪندي منظوري جو عمل شروع ڪيو تہ اپوزيشن شديد نعريبازي ڪئي.

اپوزيشن جي احتجاج ۽ ھنگامي باوجود پارليامينٽ دانش اسڪولز اٿارٽي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اجلاس ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري انساني حقن بابت ترميمي بل پيش ڪيو ، پ پ جي شازيہ مري بل ۾ ترميم پيش ڪئي، جنھن جي حڪومت حمايت ڪئي، بل بابت جي يو آءِ جي ترميم رد ڪئي وئي، بعد ۾ پارليامينٽ انساني حقن بابت بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

گھريلو تشدد جي روڪٿام ۽ تحفظ بابت بل بہ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، جي يو آءِ گھريلو تشدد بل تي صدر جا اعتراض ايوان ۾ پيش ڪيا، اپوزيشن جي اعتراضن باوجود بل جي منظوري جو عمل شروع ڪيو ويو.

ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار ڪراچي ۾ گل پلازہ سانحي تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي صحيح ٿيل ٺھراءُ پيش ڪيو، بعد ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گل پلازہ بابت ٺھراءُ منظور ڪيو ويو.

شيري رحمان چيو تہ گل پلازہ حادثي بابت تفصيل سامھو اچي رھيا آھن، ان موقعي تي اقبال آفريدي تقرير ۾ مداخل جي ڪوشش ڪئي.

شيري رحمان تقرير جاري رکندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي شهرين جي مڪمل ذميواري کڻي ٿي، معاملي کي سياست يا لسانيت جو مسئلو نه بڻايو وڃي، هتي فوري طور ارڙهين ترميم جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، توهان جا وزير ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، اسان هن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، ان وقت توهان ڪٿي هئا؟ لاشن تي سياست نه ڪريو، ان سان توهان جا ووٽ وڌندا ناهن….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں