اسلام آباد : پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد نويد قمر چيو آهي تہ 18 ھين ترميم کي گاريون ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي گل پلازہ واري باهہ کي بهانو بڻايو ويو، باه جي معاملي تي 18 ھين ترميم کي زبردستي وچ ۾ آندو ويو۔
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نويد قمر چيو تہ ن ليگ جي پارلياماني ليڊر ۽ دفاع واري وفاقي وزير خواجہ آصف 18 ھين ترميم بابت ڪجهہ ڳالهيون ڪيون آهن ۽ اسين خواجہ آصف جي بيان کي حڪومتي پاليسي جو بيان سمجهون ٿا۔
هن چيو تہ اڄ ٻيهر هڪ وفاقي وزير 18 ھين ترميم تي سوال اٿاريا آهن ۽ اڄ ٻيهر باهہ جي اوٽ ۾ 18 ھين ترميم تي تنقيد ڪئي وئي آهي۔
نويد قمر چيو تہ پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، ڇا اوھان وري ڪو نئون تجربو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ سڄي زندگي حقيقتن جي ابتڙ نصاب پڙھايوويو، تاريخ ۾ تبديليون ڪيون ويون، مضبوط پاڪستان مضبوط صوبن سان ئي ٺهندو۔
هن وڌيڪ چيو تہ اوھان صوبن کي ڏنل وسيلا بہ واپس وٺڻ چاهيو ٿا، صوبا صحت ۽ تعليم جا پئسا گهٽائي وفاق کي ڪيئن ڏين تہ جيئن وفاق قرض وٺي سگهي ۽ واپس ڪري سگهي۔
نويد قمر چيو تہ ڇا اوھان اڃا تائين ستر جي ڏھاڪي مان ناھيو نڪتا، پنھنجي سياست لاءِ ملڪ جي مستقبل کي خطري ۾ نہ وجھو…….