اسلام آباد: پاڪستان سان ڊجيٽل ادائيگين جي جدت لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون۔
وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف سان اڄ اسلام آباد ۾ ورلڊ لبرٽي فنانشل، آمريڪا جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زچري وِٽڪوف جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي۔
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي۔
وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ڊجيٽل پاڪستان لاءِ پنهنجي ويزن جو اظهار ڪيو، جنهن جو مقصد شهرين لاءِ رابطن، آسان پھچ ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ آهي۔
وزيراعظم چيو تہ ڊجيٽل ادائيگين ۾ واڌ ۽ مالي جدت پاڪستان جي تيزي سان وڌندڙ ڊجيٽل معيشت جا اهم حصا آهن۔
وزيراعظم پاڪستان جي ڊجيٽل مالي مارڪيٽن ۾ وڌندڙ بين الاقوامي دلچسپي کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو تہ پاڪستان تيزي سان عالمي ڊجيٽل معيشت جو حصو بڻجي رھيو آهي۔
ان موقعي تي زچري وِٽڪوف پاڪستان سان هڪ محفوظ ۽ شفاف ڊجيٽل ادائيگي جي بنيادي ڍانچي تي ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ سرحد پار سيٽلمنٽ ۽ ڪرنسي جي حاصلات۽ ادائيگي جي عمل ۾ جدتون شامل آهن…۔