اسلام آباد: جوڊيشل ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججز کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔
چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي 10 ايڊيشنل ججز جي مستقلي بابت جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجود ميمبرن گڏيل طور تي 6 ججز کي مستقل ڪرڻ ۽ 4 ججز جي مدي ۾ 6 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني۔
ان کانسواءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد طارق آفريدي، جسٽس عبدالفياز ۽ جسٽس فرح جمشيد جي مستقلي تي بہ غور ڪيو ويو۔
ذريعن موجب ايڊيشنل جج جسٽس انعام الله خان، ايڊيشنل جج جسٽس فرح جمشيد، ايڊيشنل جج جسٽس ثابت الله ۽ اورنگزيب جي مدي ۾ 6 مهينن جي واڌ ڪئي وئي۔
ذريعن ٻڌايو تہ ايڊيشنل جج صادق علي، جسٽس مدثر امير، جسٽس محمد طارق آفريدي ۽ جسٽس عبدالفياض کي مستقل جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي۔
ذريعن جو چوڻ آهي تہ ايڊيشنل جج جسٽس اصلاح الدين ۽ جسٽس قاضي جواد احسان الله کي پڻ مستقل جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي۔
ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر گوھر شرڪت نہ ڪئي، جڏھن تہ خيبرپختونخوا جو قانون وارو وزير آفتاب عالم آفريدي بہ اجلاس ۾ شامل نہ ٿيو۔….