پيغام امن ڪميٽي جي فوج کي قومي بيانيي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مڪمل سھڪار جي خاطري

فہرستِ مضامین

پاڪ فوج قومي سلامتيءَ جي مامرن تي اتفاق راءِ وقت جي اھم ضرورت قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان قومي بيانيو جوڙڻ لاءِ قائم قومي پيغام امن ڪميٽي اين پي اي سي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ رياست دشمن بيانيَن خلاف گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو، اين پي اي سي فتنہ الخوارج ۽ افغان طالبان جي مذمت ڪندي چيو تہ دهشتگردي جو ڪو بہ جواز ناهي۔

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ دشمن جــِي نفسياتي جنگ  جي مقابلي لاءِ عوامي شعور ۽ سچائي تي ٻڌل بيانيو فيصلائتو ھٿيار آھي، قومي سلامتيءَ جي مامرن تي اتفاق راءِ وقت جي اھم ضرورت آھي، رياستي بيانيي جي واڌاري لاءِ مسجدن، مدرسن ۽ يونيورسٽين ۾ آگاهي ۽ رھنمائي واريون ويهڪون وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔

اين پي اي سي اتحادِ، سماجي هم آهنگي ۽ آئيني برابري جو پيغام سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جو اعلان ڪيو، جڏھن تہ نفرت انگيزي، فرقيواريت ۽ تڪفيري بيانيي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو۔

ملاقات کي غيرمعمولي طور فائديمند قرار ڏيندي اعتماد ۽ عملي سهڪار جي رستن تي اڳڀرائي جي اميد ظاهر ڪئي وئي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں