ڪي پي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي جو امن امان تي اِن ڪيمرا بريفنگ لاءِ ڪور ڪمانڊر پشاور کي خط

فہرستِ مضامین

پشاور: خيبرپختونخوا اسيمبلي جي سيڪيورٽي بابت خاص ڪميٽي انِ بريفنگ لاءِ ڪور ڪمانڊر پشاور کي خط لکي ڇڏيو آھي.

صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران لکيل خط ۾ خاص ڪميٽي ڪور ڪمانڊر کان صوبي ۾ امن امان ۽ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ جي درخواست ڪئي آھي.

خط موجب خاص ڪميٽي ۾ قائد ايوان، مخالف ڌر اڳواڻ، وزير ۽ پارلياماني ليڊرز شامل آھن، جڏھن تہ ڪميٽي کي چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس جي بريفنگ ملي چڪي آھي.

خط ۾ چيو ويو آھي تہ ڪميٽي وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جاري آپريشنز تي بريفنگ طلب ڪئي آھي، رڳو آپريشنز سان پائيدار امن ممڪن ناھي، سياسي سماجي قدم بہ ضروري آھن.

خط ۾ ڪي پي ۾ ضم ضلعن ۾ جاري آپريشنز تي بہ بريفنگ طلب ڪئي وئي آھي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آھي تہ اِن ڪيمرا بريفنگ ڪي پي اسيمبلي ۾ گڏيل مشاورت سان طئي تاريخ تي ڪرائڻ جي درخواست آھي، بريفنگ آئيني ذميوارين نڀائڻ ۾ مددگار ثابت ھوندي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں