وفاقي وزير عليم خان چيو آھي تہ ملڪي مسئلن جو حل رڳو نون صوبن ۾ آھي، نوان صوبا سڀني لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.
گجروانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي عليم خان چيو تہ ملڪ ۾ نون صوبن جي حوالي سان تحريڪ شروع ڪرڻي آھي، جيڪي ملڪ جا سڄڻ ناھن انھن کي منھن ٽوڙ جواب ڏينداسين.
سندس چوڻ ھو تہ ھتي ھڪ ئي ھاءِ ڪورٽ آھي، جتي ماڻھو پري پري کان اچن ٿا، ڏکڻ پنجاب، اتر پنجاب ۽ سينٽرل پنجاب صوبي جي حق ۾ آھيون.
سندس چوڻ ھو تہ اسان صوبن جا نالا تبديل ڪرڻ نٿا چاھيون، بلوچستان جو نالو بلوچستان ئي رھڻ گھرجي، اوھان وٽ سنڌ حڪومت آھي تہ ھڪ بدران 3 وڏا وزير آڻيو، بلوچستان ۾ بہ 3-3 وڏا وزير اچي ويندا.
وفاقي وزير چيو تہ ملڪي مسئلن جو حل رڳو نون صوبن ۾ آھي، اھو عمل سڀني لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.