مخالف ڌر جي اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراھ محمود خان اچڪزئي چيو آھي تہ پي ٽي آءِ ۾ ڪو ڊسيپلين ناھي، ھر 100 ماڻھن جو ھڪ ليڊر آھي.
لاھور بار جي وڪيلن کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو تہ گذريل ڏينھن جلوس تمام وڏو ھو پر ھڪ بہ مائيڪ ۽ اسپيڪر نہ ھو.
سندس چوڻ ھو تہ ھو پي ٽي آءِ ڏکئي وقت جا ساٿي آھن، ھو عھدن لاءِ ناھن آيا.
سندس چوڻ ھو تہ پي ٽي آءِ ۾ ڪو ڊسيپلين ناھي، ھر 100 ماڻھن جو ھڪ ليڊر آھي.
ھن چيو تہ پاڪستان ۾ تحريڪن جا وارث اسان آھيون، جيڪڏھن ڪو غلطي تسليم ڪندو تہ ڳالھيون بہ ٿينديون.