ڀارت جو دھشتگردي تي ھٿ ٺوڪيو بيانيو حقيقتن کي لڪائي نٿو سگھي: پرڏيھي ترجمان

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي پرڏيھي ترجمان چيو آھي تہ ڀارت جو دھشتگردي تي ھٿ ٺوڪيو بيانيو ۽ اڳرائي حقيقتن کي لڪائي نٿي سگھي، ڀارت مسلسل خطي جي امن آڏو رنڊڪ وجھي رھيو آھي.

اسلام آباد ۾ ھفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيھي ترجمان چيو تہ ڀارتي ايجنسي پرڏيھ ۾ عدالت کان مٿانھان قتل ڪرايا، پاڙيسري ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي.

سندس چوڻ ھو تہ ڪلڀوشن جھڙن ماڻھن ذريعي پاڪستان ۾ دھشتگردي ڪئي وئي، ڀارت گھربل کي محفوظ ٿاڪ فراھم ڪيا، ڀارت ۾ اقليتون ھيسائڻ ۽ جبر کي منھن ڏئي رھيون آھن.

ھن چيو تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سھڪار مضبوط آھي، سعودي عرب سان ڪنھن مخصوص دفاعي پليٽ فارم تي حتمي معاھدي جو اطلاع ناھي.

ھڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو تہ سعودي عرب ۾ وڌيڪ پاڪستاني فوجي موڪلڻ واري فيصلي بابت ڪا بہ ڄاڻ ناھي، پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ڪيترائي دفاعي معاھدا غور ھيٺ آھن.

ھن چيو تہ فوجين جي انگ ۾ اضافي واري ڪنھن بہ افواھ تي تبصور نٿو ڪري سگھان.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں