ايف آءِ اي جا آفيسر ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪوئا پڪڙيندا ۽ سيوريج نظام جي نگراني ڪندا

فہرستِ مضامین

ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ آفيسر کي واش روم ۽ ڪوئا پڪڙڻ جي ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو آھي.

آفيسر ان ڳالھ جو بہ پابند ھوندو تہ ھو ھر ڪلاڪ ۾ صحيح ٿيل صحافي جي رپورٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي پيش ڪري، ھي انتھائي حيرت ڏياريندڙ آرڊر ڊپٽي ڊائريڪٽر اميگريشن شھزاد اڪبر جاري ڪيو.

تفصيل موجب ڊائريڪٽر ڪراچي منتظر مھدي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر منور مھدي کي ڪراچي ايئرپورٽ تي مقرر ڪيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ھڪ نئين عھدي جو بنياد رکيو ۽ ان کي ايڊمن انچارج بڻائي ڇڏيو.

ان جي ذميوارين ۾ اميگريشن ۾ موجود سيوريج، يعني سڀني واش روم جي صفائي سٿرائي جي نگراني شامل هوندي ۽ هر هڪ ڪلاڪ بعد پنهنجي صحيح سان رپورٽ پيش ڪرڻ لازمي هوندو۔

ان جي ذميوارين ۾ اهو بہ شامل ڪيو ويو آهي تہ اميگريشن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ۾ جيڪي ڪوئا آھن انھن جي بہ نشاندھي ڪندو.

ڄاڻايل حڪم سبب ايف آءِ اي آفيسرن ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي آهي  ۽ ھو هن غير پيشوراڻي حڪم کي پنهنجي وڌيڪ تذليل طور سمجھي رھيا آھن……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں