اسلام آباد : پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايٽمي اثاثن ۽ سهولتن جي فهرستن جي ڏي وٺ ٿي آھي
پرڏيھي ترجمان طاھر حسين اندرابي ھفتيوار بريفنگ دوران ٻڌايو تہ نئين سال جي شروعات تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي فھرستن جي ڏي وٺ ٿي آھي، پاڪستان ۾ 257 ڀارتي قيدين جي فھرست جي ڏي وٺ ٿي، جڏھن تہ ڀارتي پرڏيھي کاتي فھرست نئين دھلي ۾ پاڪستاني ھاءِ ڪميشن جي نمائندي کي فراھم ڪئي.
طاھر حسين اندرابي ٻڌايو تہ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي اثاثن جي فھرست جي بہ ڏي وٺ پھرين جنوري تي ٿيندي آھي، ٻنھي ملڪن ايٽمي اثاثن جي فھرست بہ ھڪ ٻئي حوالي ڪئي.
انھي حوالي سان سفارتي ذريعن جو چوڻ آھي تہ ايٽمي اثاثن بابت معاھدي تي پاڪستان ۽ ڀارت 31 ڊسمبر 1988 ۾ صحيح ڪئي ھئي، معاھدي تحت ٻئي ملڪ ھر سال پھرين جنوري تي ايٽمي اثاثن ۽ سھولتن جي ڏي وٺ ڪندا آھن.
پرڏيھي ترجمان جو چوڻ ھو تہ پاڪستان يمن ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ علاقائي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو ۽ يمن تڪرار جي پرامن حل جي حمايت ڪيون ٿا، پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل يڪجھتي جو اظھار ڪري ٿو.
ھن چيو تہ پاڪستان اسرائيل طرفان صومالي لينڊ کي الڳ ملڪ تسليم ڪرڻ جي قدم کي رد ڪري ٿو، پاڪستان صوماليہ جي خودمختياري ۽ علاقائي سلامتي جي حمايت ڪري ٿو……..