لاھور: موٽرسائيڪلون قسطن تي وڪرو ڪندڙ شھري جي نالي تي 23 لک رپين کان وڌيڪ ٽريفڪ چالان ڪاٽيا ويا آھن.
سيف سٽي ذريعن موجب قسطن جو ڪاروبار ڪندڙ شھري جي نالي تي 500 موٽرسائيڪل رجسٽرڊ آھن، 500 موٽرسائيڪلن کي سيف سٽي پاران 2 ھزار 71 چالان اماڻيا ويا آھن.
ذريعن موجب قسطن تي موٽرسائيڪلون وڪرو ڪندڙ شھري ڳڙھي شاھو جو رھواسي آھي جيڪو 500 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون قسطن تي وڪرو ڪري چڪو آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ خريدارن بہ موٽرسائيڪلن جي مڪمل قيمت دڪاندار کي ادا ناھي ڪئي ۽ موٽرسائيڪلون پنھنجي نالي بہ ناھن ڪرايون.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ اڃا تائين موٽرسائيڪلون قسطن تي وڪرو ڪندڙ شھري جي نالي تي رجسٽرڊ آھن ان لاءِ چالان ان جي نالي تي آيا آھن…..