ھڪ سياسي جماعت“ سياسي دجال” جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي: بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

لاھور: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ هڪ سياسي جماعت “سياسي دجال” جو ڪردار ادا ڪري رھي آهي، ان پارٽيءَ جي ڪوشش آهي تہ عوام ۽ افواج جي وچ ۾ نفرت ۽ فاصلو پيدا ڪيو وڃي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راج لاڳو ڪرڻ نه منهنجو ۽ نہ ئي منهنجي جماعت جو مطالبو آهي.

هن چيو تہ ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ جي حق ۾ نہ آھيون، پر سياسي جماعت کي پنهنجو رويو بھتر ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ رنڊڪ  وڌي وئي تہ صورتحال خراب ٿيندي.

بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو تہ خيبرپختونخوا ۾ جنگ جهڙي صورتحال پيدا ٿي رھي آھي،  جيڪڏھن ڪا سياسي پارٽي دهشتگردن جي مددگار بڻجي ٿي تہ پوءِ گورنر راج هڪ مجبوري بڻجي ويندو.

پيپلزپارٽي چيئرمين جو چوڻ ھو تہ افغانستان بابت پاڪستان لاءِ جيڪي خدشا آهن، اهي هاڻي سچ ثابت ٿي رھيا آهن، دهشتگرد افغانستان مان اچي پاڪستان ۾ ڪارروائيون ڪندا آهن، اھو پاڪستان لاءِ سنگين خطرو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پاڪستاني فوج هن چيلنج جو مقابلو ڪري رھي آهي، پيپلز پارٽي جو مطالبو آهي تہ سياسي جماعتون پنهنجي سياست کي ذميواري سان اڳتي وڌائن….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں