اسان دشمن کي لڪي نہ پر للڪاري ماريندا آھيون: چيف آف ڊفينس فورسز

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آھي تہ ڀارت کي دھشتگردي جو سب قرار ڏيني چيو آھي تہ اسان دشمن کي لڪي نہ  پر للڪاري ماريندا آھيون

چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قومي علماءِ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ رياست طيبہ ۽ رياست پاڪستان جو پاڻ ۾ ويجھو تعلق آھي ۽ دفاعي معاھدو تاريخي آھي

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي تہ الله پاڪ سڀني مسلم ملڪن مان حرمين جي حفاظت جو شرف پاڪستان کي عطا ڪيو آهي، جنهن قوم علم ۽ قلم کي ڇڏيو، اُتي ڏڦيڙ گھر ڪري ويو۔

هن چيو تہ عزت ۽ طاقت ورھاست سان نہ، پر محنت ۽ علم سان حاصل ٿيندي آهي، دهشتگردي پاڪستان جو نہ پر ڀارت جي فطرت آھي، اسين دشمن کي لڪي نہ، پر للڪار ڪري ماريندا آهيون۔

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تہ اسلامي رياست ۾ رياست کانسواءِ ڪو بہ جهاد جو حڪم نٿو ڏئي سگهي، معرڪہ حق ۾ اللھ تعاليٰ جي مدد سان ڪاميابي ملي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں