پاڪ-افغان ڳالھين ۾ ڊيڊ لاڪ جي خاتمي لاءِ ترڪ صدر پاران اھم وزيرن کي پاڪستان موڪلڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالھين ۾ ڊيڊ لاڪ جي  خاتمي لاءِ ترڪيہ پاڪستان وڌيڪ ھڪ ڪوشش جاري آھي.

ترڪيہ جي صدر رجب طيب اردوان پنھنجي پرڏيھي وزير، دفاع واري وزير ۽ انٽيليجنس چيف کي پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪيو آھي.

سفارتي ذريعن موجب پاڪستاني ۽ ترڪ اختيار  دوري جي تاريخ طئي ڪري رھيا آھن، ترڪ عملدارن جي دوري جي تاريخ ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ طئي ٿيڻ جو امڪان آھي.

ترڪيہ جي خابرو اداري موجب وفد ھلندڙ ھفتي پاڪستان ايندو ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالھيون ڪندو.

ترڪ صدر موجب دوري جو مقصد ڌرين ۾جنگبندي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ پائيدار امن جو قيام آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں