اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي گادي واري هنڌ ۾ جلد مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي۔
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني اسلام آباد ۾ جلد مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جو ڊي جي لا، اسسٽنٽ اٽارني جنرل ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا۔
ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا تہ مڪاني چونڊون نہ ٿيڻ سبب نظام جو ٻيڙو غرق ٿي ويو آھي، نہ پراپرٽي ٽيڪس لڳي سگهي ٿو ۽ نہ ئي ڪو ڪم سڌي طرح ٿي رھيو آهي، عدالتي جي فيصلن جي مسلسل ڀڃڪڙي ٿي رھي آهي.
ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا عدالت کي ٻڌايو تہ “لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2025 ۾ ٿيل ترميمن سبب ڪجهہ پيچيدگيون پيدا ٿي ويون آهن.
اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو تہ “مڪاني چونڊن سان لاڳاپيل قانونسازي سبب اليڪشن ۾ دير ٿي، ترميم ۽ قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي.
ان تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو تہ هن وقت پارليامينٽ آئين جي تشريح ۾ رڌل آهي، هر غلط ڪم جو دفاع نٿو ڪري سگهجي، جنھن جن قانون ۾ گهڻيون غلطيون ھونديون آھن ان کي درست ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آھي.
بعد ۾ عدالت اسلام آباد ۾ جلد مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو۔………