اسلام آباد : سينيٽ ۾ 27 ھين آئيني جي شق وار منظوري جو عمل جاري آھي، جڏھن تہ اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.
قانون واري وزير 27 ھين ترميم جي منظوري واري رٿ پيش ڪئي، جنھن کي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو.
اپوزيشن پاران ووٽنگ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي.
پي ٽي آءِ ميمبرن سينيٽ ۾ سخت احتجاج ڪندي بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ چيئرمين جي ڊائيس آڏو جمع ٿي ويا.
اپوزيشن جي گوڙ ۾ 27 ھين ترميم بل جي شق وار منظوري دوران سينيٽر سيف اللہ سيف اللھ ابڙو احتجاج ۾ شامل نہ ٿيو ۽ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو
جي يو آءِ جي احمد خان بہ تحريڪ جي حق ۾ ھو، 64 سينيٽرز 27 ھين آئيني ترميم جي شق 2 جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
اھڙي طرح پي ٽي آءِ جي فيصل ابڙو ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو، سينيٽر نسيمہ احسان بہ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو…….