ڀارت کي اوڀر واري محاذ تي شڪست ملي تہ مودي خاموشي ٿي ويو: خواجہ آصف

فہرستِ مضامین

دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو آهي ته ڀارت اسان کي اوڀر ۽ اولهه جي محاذن تي مصروف رکڻ چاهي ٿو، اوڀر واري محاذ تي ڀارت کي شڪست ملي تہ مودي خاموشي ٿي ويو ۽ اميد آهي ته اولهه واري محاذ تي ٻنهي ملڪن جي ٽياڪڙي جا ھاڪاري نتيجا نڪرندا.

سيالڪوٽ ۾ ڳالھائيندي خواجہ آصف چيو ته طورخم بارڊر غيرقانوني طور رهندڙ افغانين جي بي دخلي لاءِ کوليو ويو آهي، طورخم بارڊر تي ڪنهن به قسم جو واپار نہ ٿيندو، واپسي جو عمل جاري رهڻ گهرجي ته جيئن اهي وري ان بهاني سان ٻيهر نه اچي سگهن.

ھن چيو ته هن وقت هر شيءِ معطل آهي، ويزا جو عمل بہ بند آهي، ڳالھيون مڪمل نہ ٿيڻ تائين سموريون سرگرميون معطل رھنديون، افغان رهواسين جو معاملو پهريون ڀيرو عالمي سطح تي آيو آهي، ترڪيہ ۽ قطر خوش اسلوبي سان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

خواجه آصف چيو تہ افغانستان پهرين غيرقانوني طور ترسيل افغانين جو مسئلو تسليم نه ڪندو هو، افغانستان جو موقف هو ته اهو مسئلو پاڪستان جو آهي، هاڻي عالمي سطح تي ان جي ذميواري واضح ٿي وئي آهي، ترڪيہ ڳالھين ۾ اهو شرط به شامل آھي.

ھن چيو تہ اسان جي طرف کان ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، افغانستان جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي، افغانستان تاثر ڏئي رهيو آهي ته ان سڀ ۾ اسٽيبلشمنٽ جو ڪردار آهي، پر هن ٽياڪڙي ۾ چئن ملڪن جي اسٽيبلشمنٽ جا نمائندا ڳالھيون ڪري رھيا آھن.

وفاقي وزير سڄي قوم، خاص ڪري ڪي پي ڪي جي عوام ۾ ڪاوڙ آهي، هن مسئلي سبب ڪي پي ڪي صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، قوم سميت سياستدان ۽ سڀئي ادارا آن بورڊ آهن ۽ اهي چاهين ٿا ته افغانستان جي مسئلي جو فوري حل ٿئي. حل رڳو هڪ ئي آهي ته افغان زمين تان دهشتگردي بند ڪئي وڃي.

ھن چيو تہ ڀارت جي پروپيگنڊا جا ثبوت اشرف غني جي دور کان موجود آهن، پر هاڻي ثبوتن جي ضرورت ناھي، جيڪڏهن ضرورت پئي تہ ثبوت پڻ مهيا ڪيا ويندا، ڀارت اسان کي اوڀر ۽ اولهه جي محاذن تي مصروف رکڻ چاهي ٿو، اوڀر واري محاذ تي ڀارت کي شڪست ملي تہ مودي خاموشي ٿي ويو ۽ اميد آهي ته اولهه واري محاذ تي ٻنهي ملڪن جي ٽياڪڙي جا ھاڪاري نتيجا نڪرندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں