سعودي عرب، قطر ۽ ايران پاڪستان ۽ افغان فورسز وچ ۾ چڪرين تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي معاملي کي برداشت ۽ ڳالھين وسيلي نبيرڻ تي زور ڀريو آھي.
سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، ٻنهي ملڪن کي اپيل آهي ته اهي معاملي کي تحمل، صبر ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪن.
سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ تڪرار گهٽائڻ ضروري آهي ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعاگو آهي.

پاڪ_ افغان تڪرار سان علائقائي امن تي ناڪاري اثرپوندا: قطر
قطري پرڏيهي وزارت چيو ته ٻنهي ملڪن کي صبر، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ضروري آهي.

قطري پرڏيهي وزارت چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان عوام جي امن ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار علائقائي امن تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.
ايران کي پاڪ افغان ڇڪتاڻ تي ڳڻتي
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هر ملڪ جي علائقائي سالميت ۽ قومي خودمختياري جو احترام ڪرڻ ضروري آهي، پاڪستان ۽ افغانستان کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ فوري طور تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.