اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): وفاقي حڪومت مقامي طور تي تيار ٿيندڙ 2000 سي سي تائين هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان اهڙين گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.
ذريعن موجب، مقامي طور تي تيار ٿيندڙ 2000 سي سي تائين هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين تي لاڳو 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس گهٽائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، حڪومت 8 مارچ 2023ع جي ايس آر او نمبر 297 ۽ 8 مارچ 2024ع جي ايس آر او نمبر 370 ۾ ترميم ڪئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايس آر او 370 ۾ نئين ترميم شامل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت مقامي طور تي تيار ٿيندڙ 2000 سي سي تائين هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين تي سيلز ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو بدران 18 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.
حڪومت جي ان فيصلي کي هائبرڊ گاڏين جي مقامي پيداوار ۽ استعمال لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته صارفين لاءِ به گاڏين جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.