لائیو سستو پيٽرول ملي رهيو آهي يا نه؟ وفاقي وزير شزا فاطمه پيٽرول پمپن تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزيراعظم فيول رليف اسڪيم تحت عوام کي سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ واري عمل جي نگراني سخت ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير شزا فاطمه رات دير سان اسلام آباد جي مختلف پيٽرول پمپن تي اوچتا دورا ڪري شهري مسئلا معلوم ڪيا ۽ رليف جي فراهمي ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.

وفاقي وزير شزا فاطمه مختلف پيٽرول پمپن تي پهچي وزيراعظم فيول رليف اسڪيم تحت عوام کي ملندڙ سهولت جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن پيٽرول حاصل ڪندڙ شهرين کان رجسٽريشن جي عمل ۽ فيول رليف حاصل ڪرڻ دوران پيش ايندڙ مسئلن بابت پڻ پڇا ڳاڇا ڪئي.

شزا فاطمه شهرين کي اسڪيم لاءِ درست رجسٽريشن بابت آگاهي ڏيندي واضح ڪيو ته رجسٽريشن جو عمل صرف هڪ ڀيرو ڪرڻو آهي، ان کي ٻيهر ورجائڻ جي ضرورت ناهي.

وفاقي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي ته فيول رليف اسڪيم لاءِ اهل سمورن رجسٽرڊ شهرين کي رعايت جي فراهمي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي يقيني بڻائي وڃي، جيئن سرڪاري رليف جو فائدو حقدار ماڻهن تائين آساني سان پهچي سگهي.

هن پيٽرول پمپن تي رليف واري پيٽرول جي فراهمي جي صورتحال پڻ چيڪ ڪئي ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اسڪيم تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي.

شزا فاطمه سستو پيٽرول ڏيڻ ۾ ٽال مٽول، غير ضروري دير يا انڪار ڪندڙ عنصرن خلاف سخت مانيٽرنگ جو حڪم ڏنو.

وفاقي وزير جي رات دير سان ڪيل اوچتي دوري جو مقصد فيول رليف اسڪيم تي عملدرآمد جي نگراني، عوام جون شڪايتون ٻڌڻ ۽ پيٽرول پمپن تي رعايتي پيٽرول جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں