ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت طرفان لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شهدادڪوٽ جي شهرين لاءِ اهم خوشخبري سامهون آئي آهي، جتي لاڙڪاڻي کان قمبر ۽ شهدادڪوٽ تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ 18 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نئين روٽ سان ٽنهي ضلعن سميت ڀرپاسي وارن علائقن جي شهرين کي بهتر، محفوظ ۽ باڪفائيت سفري سهولت فراهم ٿيندي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ماس ٽرانزٽ جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي اندر هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبن، نون روٽن ۽ شهرين کي جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين طرفان سينيئر وزير کي مختلف ٽرانسپورٽ منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻي کان قمبر ۽ شهدادڪوٽ تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ 18 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نئين بس روٽ سان لاڙڪاڻو، قمبر ۽ شهدادڪوٽ سميت ڀرپاسي جي علائقن جي شهرين کي سفري سهولتن ۾ بهتري ملندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي شهرين کي جديد، محفوظ ۽ گهٽ خرچ واري پبلڪ ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.
سينيئر وزير موجب پيپلز بس سروس کي سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ضلعن تائين به وڌايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد وڌ کان وڌ شهرين کي معياري پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي.
شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شهدادڪوٽ جي نئين روٽ جي سروس مقرر وقت تي شروع ڪئي وڃي ۽ مسافرن لاءِ ضروري سهولتن کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.
اجلاس ۾ گرين لائن بي آر ٽي ۽ اورنج لائن بي آر ٽي بابت معاملن تي پڻ غور ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان گرين لائن جي روزاني رائڊرشپ 88 هزار مسافرن تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته اورنج لائن بي آر ٽي جي رائڊرشپ ۾ پڻ واڌ ٿي آهي ۽ روزانو 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اورنج لائن ذريعي سفر ڪري رهيا آهن.
اجلاس دوران ميرپورخاص ۾ اهل عورتن ۾ پنڪ اسڪوٽيز جي ورڇ بابت اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميرپورخاص ۾ اهل عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز جلد فراهم ڪيون وينديون.
هن چيو ته عورتن کي سفري سهولت فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، جڏهن ته پنڪ اسڪوٽيز ۽ پنڪ بسز ان ئي پاليسي جو حصو آهن.
اجلاس ۾ ڊبل ڊيڪر بسز ۽ وڌيڪ اليڪٽرڪ وھيڪلز (EV) بسز لاءِ نون روٽن بابت پڻ غور ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسز لاءِ روٽن جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بهزاد ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.