ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ڪوششون جاري آھن، انھي حوالي سان وزيراعظم شھباز شريف پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ڪيو آھي.
پپيلز پارٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف وچ ۾ رابطي ۾ موجودہ سياسي صورتحال، ٻوڏ ۽ پرڏيھي پاليسي بابت ڳالھيون ٿيون
ذريعن موجب ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ وارو مامرو بہ غور ھيٺ آيو.