بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، جنھن سبب رھواسي روڊن تي نڪري آيا آھن.
شھرين جي ڌرڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو بہ وڏو انگ موجود ھو، جيڪي پاڻي کوٽ خلاف نعريبازي ڪري رھيا ھئا.
رھواسين جو چوڻ آھي تہ ھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن، حڪومت سکڻا دلاسا ڏئي ٿي پر پاڻي نٿي ڏئي.
ياد رھي تہ ھيل برساتون گھٽ پوڻ سبب گوادار جو آنڪڙا ڊيم سڪي ويو آھي، گوادار واسين کي شادي ڪور مان پائيپ ذريعي پاڻي ڏنو ويندو ھو پر اھو بہ پورو نٿو پوَي.
ڪجھ وقت اڳ حڪومت فيصلو ڪيو ھو تہ ڏيڍ سئو ڪلو ميٽر ڏور ميراڻي ڊيم مان گوادار واسين کي پاڻي ڏنو ويندو، پر اُن فيصلي تي بہ عمل ناھي ٿي سگھيو