پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻيءَ دوران پنجاب حڪومت جو مڪاني کاتي بابت اسپيشل سيڪريٽري پيش ٿيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ٿينديون، مڪاني چونڊن لاءِ تڪبنديون سڀاڻي کان شروع ڪيون وينديون،  چونڊون 2022 جي قانون موجب ڪرايون وينديون.

چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نه ٿي رهيون آهن، جن جو الزام اسان تي لڳي رهيو آهي، الزام تراشي ۽ اها صورتحال اسان جي لاءِ شرمندگي واري آهي.

واضح رهي ته 30 ڊسمبر 2025 تي اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت قانونسازي لاءِ ٽن مهينن جي مهلت ڏني هئي، حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي ڪميشن مايوسي جو اظهار ڪيو هو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں